وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 3919 ارب رپيا واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال آڪٽوبر تائين وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 3919 ارب رپين جو مجموعي اضافو ٿيو، ان دوران ٻاهرئين قرضن ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي.
اسٽيٽ بينڪ جي دستاويز موجب آڪٽوبر تائين وفاقي حڪومت جي مقامي قرضن ۾ 4632 ارب رپين جو اضافو ٿيو، جڏهن ته ٻاهرئين قرضن ۾ 710 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي.
انگن اکرن موجب آڪٽوبر تائين وفاقي حڪومت جي قرضن جو ڪاٿو 69114 ارب رپيا رهيو، جنهن ۾ 47231 ارب رپيا مقامي ۽ 21884 ارب رپيا ٻاهريون قرض شامل آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب دسمبر 2023 ۾ وفاقي حڪومت جي قرضن جو ڪاٿو 65195 ارب رپيا هو، جنهن ۾ 42595 ارب رپيا مقامي قرض، 22600 ارب رپين جا ٻاهريان قرض شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.