لاهور (ويب ڊيسڪ) مزنگ ۾ پوليس هڪ ڇوڪري سان زيادتي ۽ بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
عورت 15 ايمرجنسي هيلپ لائن تي پنهنجي ڌيءُ سان زيادتي جو اطلاع ڏنو هو، جنهن تي ورچوئل وومين پوليس اسٽيشن فوري طور ڪارروائي ڪندي پوليس کي موقعي تي موڪلي ڇڏيو.
جاچ موجب متاثر خاتون مسواڙ جي گهر ۾ رهندي آهي ۽ گهر مو مالڪ سندس ڌيءُ کي بليڪ ميل ڪري ڪيترائي ڀيرا زيادتي جو نشانو بڻائي چڪو آهي.
ڇوڪري پنهنجي ماءُ کي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو ته هن فوري طور پوليس کان مدد طلب ڪئي، پوليس موقعي تي پهچي عورت ۽ سندس ڌيءُ کي تحفظ فراهم ڪيو، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري کيس حراست ۾ ورتو ويو ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.
Next Post
You might also like