در نه کولڻ تان سلمان جي ايشوريا کي 17 هين ماڙ تان ٽپو ڏيڻ جي ڌمڪي!

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا جون جتي اڄڪلهه بالي ووڊ اسٽار جوڙي ايشوريا ۽ اڀيشيڪ بچن جي شادي شده زندگي تي نظرون کتل آهن اتي ماضيءَ ۾ ايشوريا ۽ سلمان خان جو روماني تعلق به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان خبرون جي زينت بڻجي رهيو آهي.
اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ ۽ بالي ووڊ سلطان سلمان خان جي محبت جي ڪهاڻي جي شروعات سال 1999ع ۾ فلم ” هم دِل دي چڪي صنم“ جي شوٽنگ کان ٿي.
ٻئي ڊگهي عرصي تائين هڪٻئي سان ساٿ نڀائيندا آيا، هڪ موقعي تي ٻنهي شادي جو فيصلو پڻ ڪري ورتو هو پر 2001 ۾ ٻنهي جي رشتي ۾ ڏار پئجي ويا.
2002 ۾ ايشوريا راءِ سلمان خان مٿان تشدد سميت ڪيئي سنگين الزام مڙهيا ۽ کائنس رستا ڌار ڪري ورتا.
سلمان ۽ ايشوريا جي افيئرز وارن ڏينهن ۾ ڪيئي تڪراري خبرن جي ڀرمار رهي پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته ان دوران سلمان خان هڪ جهيڙي ايشوريا راءِ کي عمارت جي 17 هين ماڙ تان ٽپو ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي؟
2001 ۾ سلمان خان ۽ ايشوريا راءِ وچ تڪرار وڌڻ لڳو، جهيڙي جي شروعات ايشوريا راءِ طرفان سلمان خان کي پنهنجي گهر ۾ داخل نه ٿيڻ کانپوءِ ٿي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ان ڏينهن ۾ سلمان خان ايشوريا جو در کڙڪائيندو رهيو پر ايشوريا در نه کوليو، جنهن تي سلمان خان ايشوريا کي 17 هين ماڙ تان ٽپو ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني، جنهن بعد اداڪارا مجبورن سلمان کي رات جو ٽِين وڳي گهر اچڻ جي اجازت ڏني، هي اهڙو واقعو جنهن جا ڪيترائي ماڻهو اکين ڏٺا شاهد هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.