هونئن ته سولر پينلز عام طور تي ڏينهن جي روشني مان بجلي پيدا ڪن ٿا، پر ڇا رات جي وقت به انهن مان توانائي حاصل ڪرڻ ممڪن آهي؟
يقينن اوهان کي حيرت ٿي سگهي ٿي، پر سائنسدانن واقعي اهڙن سولر پينلز جي تياري ۾ اڳڀئراي ڪئي آهي جيڪي رات جو به بجلي پيدا ڪري سگهن ٿا.
اسٽينفورڊ يونيورسٽي آمريڪا ۾ اهڙو سولر پينل تيار ڪيو ويو آهي جيڪو رات جو به وقت بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ان مقصد لاءِ ”ريڊي ايٽو ڪولنگ“ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو آهي.
ريڊي ايٽو ڪولنگ ڇا آهي؟
ريڊي ايٽو ڪولنگ هڪ اهڙي ٽيڪنالاجي آهي جنهن ۾ گرمي کي خارج ڪري شين کي ٿڌو ڪيو ويندو آهي. خاص طور تي رات جي وقت، زمين انفراريڊ توانائي کي خلا ڏانهن خارج ڪري ٿي،ان عمل دوران ڪنهن شيءِ ۽ ان جي چوڌاري موجود ماحول جي گرمي پد ۾ فرق پيدا ٿئي ٿو، جيڪو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو.
ٽيڪنالاجي جو طريقو
ماهرن ٿرمو اليڪٽرڪ جنريٽرز کي عام ڪمرشل سولر پينلز سان ڳنڍيو. جنريٽرز کي زمين مان خارج ٿيندڙ گرميءَ کي بجلي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو.
ماهرن پينلز ۾ تبديليون ڪيون ته جيئن رات جو في اسڪوائر ميٽر 50 ملي واٽ بجلي پيدا ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي.
محدود پر ڪارائتو حل
جيئن ته عام سولر پينلز ڏينهن ۾ في اسڪوائر ميٽر 200 واٽ بجلي پيدا ڪن ٿا، رات ۾ حاصل ڪيل بجلي ان کان تمام گهٽ آهي، پر اها بجلي ننڍين ڊوائيسز جهڙوڪ ايل اي ڊي ۽ سينسرز لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي.
مستقبل جا امڪان
اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي تحقيقاتي ٽيم جي اڳواڻ شانهوئي فن چيو آهي ته جيتوڻيڪ موجودا عمل ۾ توانائي جي مقدار محدود آهي، پر ان کي بهتر ڪرڻ جا نمايان امڪان موجود آهن.
هي ٽيڪنالاجي صاف آسمان ۾ بهتر ڪم ڪري ٿي، جتي ڪڪر انفراريڊ توانائي کي واپس زمين ڏانهن موٽائي ڇڏيندا آهن.
مخصوص مواد ۽ ٿرمو اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگيءَ بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
استعمال لاءِ انتظار
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙن سولر پينلز کي گهريلو استعمال لاءِ دستياب ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه وقت لڳندو.
You might also like