نوشهري فيروز ۾ ڄاڃين سان حادثو، 7 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) نوشهري فيروز ۾ ڄاڃين جي وين حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
نوشهري فيروز جي ڳوٺ پريل تڳر جا رهواسي حيدرآباد مان گهوٽ پرڻائي واپس ڳوٺ اچي رهيا هئا ته ڄڃ ۾ شامل وين جو ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ هڪ عورت ۽ 3 ٻارڙا به شامل آهن.
پوليس ذريعن موجب 7 لاشن ۽ زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان 8 زخمين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت هجڻ سبب نوابشاهه منتقل ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيندڙن جو واسطو نوشهري فيروز جي تڳر برادري سان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.