سال 2024 پنهنجي پڄاڻي ڏانهن وڌي رهيو آهي، جڏهن ته ماڻهو اهو سوچي رهيا آهن ته ايندڙ سال ڪيئن هوندو ۽ پاڻ سان گڏ ڇا نئون آڻيندو.
اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور بلغاريا جي مرحوم نابين عورت بابا وانگا سال 2025 جي حوالي سان اڳڪٿيون ڪيون آهن، جيڪي ٻڌي توهان تي سڪتو طاري ٿي سگهي ٿو.
بابا وانگا ISIS جي عروج، نائن اليون حملي، ايتري تائين جو 1996 ۾ پنهنجي موت جي به اڳڪٿي ڪئي هئي پر ان جي 2010 ۽ 2014 وچ ۾ هڪ ڊگهي جنگ جي اڳڪٿي درست ثابت نه ٿي سگهي.
بابا وانگا 2025 بابت ڪهڙيون اڳڪٿيون ڪيون آهن؟
عالمي تڪرار: چين ۽ آمريڪا وچ ۾ اختلافن سبب ٽين عالمي جنگ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته يورپ ۾ هڪ وڏو تڪرار جنم وٺي سگهي ٿو، جنهن سان وڏي پيماني تي تباهي ٿيندي ۽ عالمي سطح تي آبادي ۾ وڏي پيماني تي گهٽتائي ايندي.
خلائي مخلوق سان ملاقات: راندين جي وڏي ايونٽ دوران انسانن جي خلائي مخلوق سان ملاقات ٿي سگهي ٿي.
طبي ميدان ۾ ترقي: 2025 ۾ سائنسدان هڪ ليبارٽري ۾ انساني عضوا تيار ڪري سگهن ٿا، جنهن سان ٽرانسپلانٽ ۾ انقلاب اچي سگهي ٿو، ان کانسواءِ ڪينسر جي علاج ۾ به اڳڀرائي ٿيندي.
توڙي جو بابا وانگا جون اڳڪٿيون دلچسپ ضرور آهن پر انهن جي درستگي غير يقيني آهي.
You might also like