سنچورين (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
سنچورين ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا پاڪستان طرفان مليل 148 رنسن جو هدف 8 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو.
پروٽيز چوٿين ڏينهن راند شروع ڪئي ته انهن کي ڪاميابي لاءِ وڌيڪ 121 رنسون، جڏهن ته پاڪستان کي 7 وڪيٽون گهربل هيون.
محمد عباس بهترين بالنگ ڪندي 6 وڪيٽون ورتيون ۽ ڏکڻ آفريقي ٽيم 99 رنسن تي 8 وڪيٽن کان محروم ٿي وئي پر مارڪو جانسن ۽ ڪگيسو ربادا بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم کي شڪست کان بچائي ورتو.
ڏکڻ آفريقا طرفان جانسن 16 ۽ ربادا 31 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، ان کان اڳ ڪپتان باووما 40 ۽ مارڪرم 37 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيا.
واضح رهي ته پاڪستان پهرين اننگز ۾ 211 ۽ ٻي اننگز ۾ 237 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته ڏکڻ آفريقي ٽيم پهرين اننگز ۾ 301 رنسن تي آئوٽ ٿي هئي.
You might also like