لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف، عمران خان ۽ آصف علي زرداري گڏجي ويهن تي ملڪ جو 70 سالن جو بحران 70 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندو.
لاهور ۾ خواجا سعد رفيق جي پيءُ خواجا محمد رفيق جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان جي خلاف ڪوڙا ڪيس قائم ڪيا ويا، توهان ڪيترائي ڪيس ڪيا، ضروري آهي ته جيڪي غلطيون ٿيون انهن کي تسليم ڪيو وڃي، بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف به غلطين کي تسليم ڪيو.
هن چيو ته ٽن وڏين سياسي جماعتن جي سربراهن جا نالا ڳالهين جي ڪميٽي ۾ شامل ڪيا وڃن، اسان سياستدانن کي گڏ ويهڻ گهرجي پر ان کان اڳ اهو ضروري آهي ته غلطين کي تسليم ڪيو وڃي، اڳتي وڌڻ ۽ مسئلن جو حل رڳو ڳالهيون آهن.
”نواز شريف، عمران خان ۽ آصف زرداري گڏجي ويهن ته 70 سالن جو بحران 70 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندو“
Prev Post
You might also like