ملڪ ۾ ٿڌ جي شدت برقرار، سنڌ جي ڪهڙي علائقي ۾ پارو ڪاٽو 4 رهيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سنڌ جي شدت برقرار آهي، جڏهن ته اسڪردو ڪاٽو 13 سان ملڪ جو ٿڌو ترين علائقو رهيو.
موسميات کاتي موجب بلوچستان جي اترين ضلعن ۾ سخت ٿڌ آهي، ڪوئيٽا ۽ زيارت ۾ پارو ڪاٽو 6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ به ٿڌ جي لهر برقرار آهي، گذريل رات ڪراچي ۾ پارو 11 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو.
سنڌ جي سياحتي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي سخت سيءُ رهيو، جتي پارو ڪاٽو 4 رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ آچر ۽ سومر تي گهٽ کان گهٽ پارو 8 ڊگري تائين رهي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.