ليپ ٽاپ جي جاءِ تي خالي ڪارٽن آمريڪا موڪلڻ جو معاملو، حڪومت کان جواب طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ليپ ٽاپ جي جاءِ تي خالي ڪارٽن آمريڪا موڪلڻ جي معاملي تي وفاقي حڪومت سميت ٻين اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ليب ٽاپ جي جاءِ تي خالي ڪارٽن آمريڪا موڪلڻ جي الزام ۾ پاڪستان پوسٽ آفيس جي ملازم جي برطرفي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ڊپٽي اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذار فراڊ ڪيو، تنهن ڪري کيس برطرف ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ڪراچي جا شهري ليپ ٽاپ آمريڪا موڪليندا هئا، منظور مغل 40 ڏينهن تائين ليپ ٽاپ آمريڪا نه موڪليا، 40 ڏينهن کانپوءِ هن ليپ ٽاپ پاڻ وٽ رکي ڇڏيا ۽ خالي ڪارٽن آمريڪا موڪلي ڇڏيا، پوءِ هن اعتراف ڪيو ۽ ليپ ٽاپ جي رقم ادا ڪئي، درخواستگذار انٽرنيشنل ميلنگ جو انچارج هو.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته درخواستگذار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي ۽ رقم به ادا ڪئي آهي، 43 سالن جي سروس آهي، سندس وڏو نقصان ٿيندو.
عدالت گهر تي پوليس ڇاپي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ ليپ ٽاپ جي جاءِ تي ڪارٽن آمريڪا موڪلڻ تي وفاقي حڪومت ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.