خلع لاءِ عدالت ويندڙ نيوز اينڪر کي مڙس قتل ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

بيروت (ويب ڊيسڪ) لبنان ۾ نيوز اينڪر عبير رحال کي سندس مڙس خليل مسعود عدالت ۾ گولي هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جوابدار واردات کانپوءِ عدالت مان فرار ٿي ويو هو، جنهن جي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ هن هڪ وڊيو فيس بُڪ تي شيئر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.
نيوز اينڪر عبير رحال پنهنجي مڙس سان عليحدگي جي درخواست تي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ موجود هئي، جوڙي جا ٽي ٻار هئا.
قاتل خليل مسعود فيس بڪ اڪائونٽ تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ قتل جو ڪارڻ مبينا خيانت ۽ غيرت قرار ڏنو، سيڪيورٽي اهلڪارن کي لاش سندس ڪار مان هٿ آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.