وزيرآباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي اهو نٿي ٿي سگهي ته ڳالهين جي آڙ ۾ 9 مئي جهڙن واقعن کي وساري ڇڏيون.
وزيرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، خواهش آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام هجي، معيشت مستحڪم ٿي آهي، سياسي استحڪام به اچڻ گهرجي.
هن چيو ڳالهين جو مقصد اهو ناهي ته 9 مئي تي نه ڳالهايو وڃي، ملڪ دشمني تي ڳالهه نه ڪئي وڃي، سڀني معاملن تي سوديبازي ڪئي وڃي، اهو نٿو ٿي سگهي ته ڳالهين جي آڙ ۾ 9 مئي جهڙن واقعن کي وساري ڇڏيون.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ 26هين آئيني ترميم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پي ٽي آءِ جي چونڊ تي سموريون شقون به ڪڍيون ويون، هاڻ ته پي ٽي آءِ باني به چئي ٿو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي.
You might also like