ڪراچي ۾ خلع لاءِ داخل ڪيسن جو انگ ٻيڻو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رڳو چئن سال ۾ خلع جي ڪيسن جو انگ ٻيڻو ٿي ويو.
سال 2020 ۾ ڪراچي جي فيملي ڪورٽن ۾ 5 هزار 8 سئو 45 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، جڏهن ته 2024 ۾ اهي ڪيسز 11 هزار کان وڌي ويا آهن.
انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته رڳو ڪراچي ۾ روز جي بنياد تي 30 کان وڌيڪ خلع جا ڪيس فائل ٿي رهيا آهن، جڏهن ته چار سال اڳ اها شرح تقريبن 16 ڪيس هئي.
عورت وڪيلن موجب خلع جي ڪيسن ۾ واڌ ٿيڻ جا مختلف ڪارڻ آهن.
انگن اکرن موجب سال 2024 ۾ ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۾ 3 هزار 2 سئو 88 خلع جا ڪيس داخل ڪيا ويا، وچ ضلعي ۾ 2 هزار 2 سئو 71 عورتن خلع لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو، جڏهن ته ملير ضلعي ۾ هڪ هزار 5 سئو 23 خلع جا ڪيس فائل ڪيا ويا.
اولهه ضلعي ۾ خلع جا 2 هزار 2 سئو 55 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ ڏکڻ ضلعي ۾ هڪ هزار 6 سئو 25 ڪيس سامهون آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.