مهذب سماج، ملڪ ۽ قومن، جي سڃاڻپ اتان جا قلمڪار، عالم ۽ دانشور هوندا آهن.، قومن جي وقار، تهذيب، تمدن، ڪلچر، ٻولي ۽ ادب جي بقا جو ضامن، ان ملڪ جو اديب، شاعر ۽ سرجڻهار طبقو هوندو آهي.
جديد سنڌ به ويهين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا، تن ۾ شيخ اياز جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي.
شيخ اياز، سنڌ جو اهڙو شاعر آهي جنهن کي شاهه لطيف سان گڏ، دنيا آڏو مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. سنڌي شاعري صدين جو سفر ڪرڻ باوجود پنهنجو رشتو پنهنجي پيڙهه ۽ تاريخي ورثي کان ناهي ڇنو، جنهن شاعريءَ جي تاريخ جي سموري اٿل پٿل تي گهري نِگاهه رهي آهي، سنڌ ”ويدن“ کان وٺي لوڪ ادب تائين، لوڪ ادب کان شاهه لطيف تائين، شاهه لطيف کان شيخ اياز تائين، صدين جو سفر ڪندي اڻ ڳڻيون ڪاهون ڪندڙ ڌرين سان مزاحمتون ڪندي پنهنجو فني، فڪري ۽ تخليقي سفر ڪيو آهي.
شاعري کيس ننڍي عمر ۾ ئي ڳولي ورتو هو، يارنهن ورهين جي ڄمار ۾ شڪارپور مان نڪرندر سدرشن رسالي ۾ سندس پهريون شعر ” مرد خدا “ جي عنوان سان ڇپيو ۽ پوءِ هن پوئتي مڙي نه ڏٺو.
اياز ورهاڱي کان اڳ جديد سنڌ شاعري جو اهم حوالو بڻجي ويو هو، سندس نظم او باغي هو راج دروهي ڀارت ۾ بلوي جا باني يا ڳاءِ انقلاب ڳاءِ کي هر انقلابي ۽ ترقي پسند جي زباني ياد هوندا هئا.
شيخ اياز 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ شيخ غلام حسين جي گهر ۾ اک کولي، سندس اصل نالو مبارڪ علي هو پر ادبي کيتر ۾ هن شيخ اياز نالي سان مهانتا ماڻي.
شيخ اياز پنجن سالن جي ڄمار ۾ پاڙي جي هڪ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. هن اسڪول ۾ ڪجهه عرصي تائين پڙهڻ بعد ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو جتان 31 مارچ 1934ع تي چار درجا پاس ڪري نيو ايرا هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. جتان 31 مارچ 1939ع تي پنج درجا انگريزي ۾ پاس ڪري 11 اپريل 1939ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو ۽ اپريل 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين.اياز 1943ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان انٽر ۽ 1945ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪئي.
1947ع کان 1955ع تائين جو سنڌي شاعري کان پاسيرو رهيو جنهن جو وڏو سبب سندس سمورا دوست، جيڪي گهڻي قدر هندو هئا سڀ جا سڀ ڀارت لڏي ويا ۽ پاڪستان ۾ کيس سمجهڻ وارا ٻه شخص وڃي بچا هڪڙو ابراهيم جويو ۽ ٻيو سوڀو گيانچانداڻي، انڪري هُن ڀارت کان آيل اردو اديبن جي محفلن ۾ وڃڻ شروع ڪيو ۽ اردو شاعري ڪرڻ لڳو، اياز ٿوري عرصي ۾ ئي اردو شاعري جو هڪ مجموعي جيترو شعر تخليق ڪيو جيڪو بعد ۾ ” بوءَ گل نالئه دل “ جي نالي سان ڇپيو.
ايڏو ڊگهو عرصو سنڌي شاعري کان ڏور رهندڙ اياز ساهيوال جيل جي ڊائري ۾ ان حوالي سان لکي ٿو ته
هڪ شام جو مون ابراھيم جويو کي، پنھنجا اردو نظم ٻڌايا، جي ھُن کي ڏاڍا پسند آيا.
تڏھن به ابراھيم چيو” اياز توکي وري به مان چوان ٿو ته تون پنھنجي ڏات اجايو وڃائي رھيو آھين. تون پنھنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي رُڳو سنڌي ۾ پھچائي سگھين ٿو.“
مون ڏُک سان ابراھيم کي ڏسي چيو؛ ”پر توکان سواءِ مونکي سنڌي ۾ٻڌڻ وارو ڪير آھي؟“
ان تي ابراھيم سختي سان چيو ھو، اسان ٻه ڪافي آھيون، اسان ٻه چاھيون ته، سنڌ کي بدلائي سگھون ٿا.
پوءِ اياز سنڌي شاعري جي کيتر ۾ واپسي ڪئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هو سنڌ جو آواز بڻجي ويو.
شاگرد جدوجهد، ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ سندس شاعري ٻرندي تي تيل جو ڪم ڪيو، اياز جي شاعري وقت جي آمريت جي ٿنڀن کي ڌوڏي ڇڏيو، هن لکيا ڌرتي جي آجپي جا گيت جن ۾ معياد جو ڪوئي فقرو نه هو.
اياز جنهن صدي ۾ ڄائو هو اِها پنهنجي اندر ۾ ڪيئي ظلم، جبر، جنگيون ۽ انقلاب ڏسي چڪي هئي جن مٿس انتهائي گهرو اثر وڌو هو ۽ اِهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري ۾ جا بجا ان جو ذڪر ملي ٿو، هن پنهنجي ڪتاب ڪراچي جا ڏينهن راتيون ۾ لکيو ته ”ويهين صديءَ پنهنجي ديس ۾ ۽ عالمي سطح تي ڇا ڇا نه ڏٺو آهي! ڪيڏا نه لاها چاڙها، ڪيڏي نه سماجي ڪشمڪش، ڪيڏيون نه جنگيون ۽ انقلاب، جوانمراديءَ ۽ انسان دوستيءَ جا ڪارناما، ڪيتريون نه انسان دشمن ڪارروايون، جوهري بم، ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦرندڙ مصنوعي سيارا ( Sytellites ) زندان جي سيخن پٺيان ظلم جي زنجيرن ۾ جڪڙيل انسان ۽ خلا ۾ اُڏام ڪندڙ پکين کان هزارين ڀيرا وڌيڪ تيز خلاباز! ڇا، ان مشاهدي جو شاعر جي شعور تي اثر نه ٿيندو! ڇا جيڪي اسان جي ديس ۾ ٿيو آهي، دلين جو جُدايون، محبتن ۽ رفاقتن جاورهاڱا، خونخريزيون، زالن جا ڪپيل ٿڻ ۽ ڪوڙيل مٿا، ابهمن جا سنگينن تي اڌو اڌ بدن، ريل گاڏين تي حملا، سرحد تي ننگا، بکايل، لُٽيل قافلا، فوجي تاني شاهيون، ڪتابن تي بندشون، نظربنديون، قيد، سياستي قتل، مذهب جي آڙ ۾ هر آزاديءَ جي گهُٽ ٻوساٽ، ڌرتيءَ جي دلالن جي چهري تي سرخوشي، افسر شاهيءَ جي ڦرلٽ، لوٽ کسوٽ، ڇا اِهو سڀ شاعريءَ تي اثر نه وجهندو؟ شاعر گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا ته نه هوندا آهن“
بلڪل اياز پنهنجي دور جو سڀ کان وڌيڪ سجاڳ ذهن هو جنهن قلم کان گوليءَ جو ڪم ورتو ۽ هر ڏاڍ جبر کي للڪاريو.
اياز، شيخ مجيب جي عوامي ليگ کانسواءِ ڪنهن به سياسي ڌر جو باظابطا پوئلڳ نه رهيو.
پنهنجي سياسي وابستگي بابت هن چيو آهي ته
”مان سياسي جانور نه آهيان، پر پوءِ به تاريخ مون کي سياست ڏانهن ڌڪي، ان سان سلهاڙي ڇڏيو آهي، سرمد به سياسي ماڻهو نه هيو، پر پوءِ به تاريخ جي طرفان ويڙهجي ويو ۽ آخر اورنگزيب هٿان مارايو ويو.
مان به ته سرمد وانگر آهيان، منهنجو به ڪوئي دارا شڪوهه آهي ۽ ها، ڪوئي اورنگزيب به منهنجي آڏو آهي، مان اربندو گهوش نه آهيان ته پٺتي موٽي سگهان، مون عشق کي راند سمجهيو هو، تاريخ منهنجي سِسِي نيزي پاند اڇلي ڇڏي آهي، هاڻ پٺتي موٽڻ جو سوال ئي نٿو اُٿي.
شيخ اياز جنهن جي شاعريءَ عام ۽ خاص ۾ هڪ جهڙي مقبوليت ماڻي، پنهنجي شاعري بابت هو چوي ٿو ته
مان شاعريءَ جو اڪبر اعظم آهيان،
منهنجي شاعريءَ ۾ ديوان عام به آهي
ته ديوانِ خاص به آهي.
منهنجو هر نظم تختِ طائوس آهي،
۽ منهنجو هر قافيو ڪوهِ نور وانگر درخشان آهي،
۽ منهنجي دل ۽ دماغ ۾ فيضي به آهي ته ابو الفضل به آهي.
۽ منهنجي پهلوءَ ۾ ڪائي جوڌا ٻائي به رهي آهي،
فرق فقط اِهو آهي،
ته منهنجي شاعريءَ نه ڪنهن پرتاپ کي جلاوطن ڪيو آهي ۽
نه ڪنهن چِتور جي قلعي کي مسمار ڪيو آهي.
اياز پنهنجي زندگي جا شروعاتي سال شڪارپور، ذهني واڌ ويجهه وارو عرصو ڪراچي ۽ وڏو وقت سکر ۾ گذاريو جتي هو وڪالت جي شعبي سان سلهاڙيل رهيو، هن ڪجهه عرصو ڄامشورو جي هوائن ۾ به گذاريو جتي هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر طور خدمتون انجام ڏنيون، پر ڄامشورو جون هوائون کيس راس نه آيون ۽ هو ملازمت جو مدو پورو ٿيندي ئي سکر هليو ويو، پر دل جي تڪليف ۽ سکر ۾ علاج جون مناسب سهولتون نه هئڻ سبب هو ڪراچي/ڪلفٽن ۾ پرنس ڪامپليڪس ۾ رهڻ لڳو.
هو واپس اُن شهر ۾ موٽي آيو هو جتي هُن پنهنجي جوڀن جا ڀرپور ڏينهن گذاريا هئا جتي هن نوان شعر لکيا ۽ نوان عشق ڪيا اُها ڪراچي جتي هن ڪيئي دوست ٺاهيا هئا جنهن لاءِ ڪڏهن لکيو هئائين” جهلملائيندڙ ڪراچي روشني جا گيت ڳائيندڙ ڪراچي“ اڄ اِها ڪراچي اونداهين جي ور چڙهي چڪي هئي، جنهن اياز جي چوڌاري دوستن ۽ چاهيندڙن جا ميلا هوندا هئا اُهو اياز لساني فسادن جي ور چڙهيل هن شهر ۾ اڪيلو رهجي ويو هو، اياز ان دور جي ڪراچي تصوير هن وائي ۾ چٽي آهي ” ڪونهي ڪو آڪاس ڪراچي ۾ “
اياز شروعاتي دور ۾ رومانوي شاعري ڪئي، جواني ۾ هن انقلاب، بغاوت جا گيت سرجيا، مئچورٽي ۾ هن ڪپر ٿو ڪن ڪري، پتڻ ٿو پور ڪري، ٽڪرا ٽٽل صليب جا، هنيئڙو ڏاڙهون گُل جيئن، واٽون ڦلن ڇائنيون، اڪن نيرا ڦليا، جهڙ نيڻان نه لهي جهڙا شاعري جا شاهڪار ڪتاب لکيا.
اياز بنگالي ٻولي جي مهان ڪوي رابندر ناٿ ٽئگور مان تمام گهڻو متاثر هو ۽ هن حياتي جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ گيتانجلي جي طرز تي دعائيه شاعري ڪئي جيڪا پڻ هڪ ڪلاسيڪ جو درجو رکي ٿي
اي خدا!
تون مون کي ايتري مهلت ڏيندين
ته منهنجي شاعري توکي
هڪ سجدو ڪري وَٺي.
اياز جي سوچ مختلف وقتن تي ڦيرو کاڌو پر ان باوجود هُن جي سنڌ سان محبت ماٺي نه ٿي، سڄي دنيا جو ادب سندس مُٺ ۾ هئڻ باوجود هن چيو
سنڌ کان سواءِ منهنجي شاعري اجائي آ
ڪائنات جي خوشبو سنڌ ۾ سمائي آ .
سنڌي ادب کي پنجاهه کان وڌيڪ شعر ۽ نثر جا ڪتاب ڏيندڙ هن مهان ڪوي دل جي بيماريءَ سان جهيڙيندي آخري دم تائين لکيو. آڪاس کان وڏي ڌرتي جي عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي، کيس ڀٽائي جي نگري ۾ ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو .