غير مسلم مسلمان مائٽ جي ملڪيت مان وراثتي حق نٿو وٺي سگهي: عدالتي فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مسلمان جي ملڪيت مان غير مسلم کي حصو ڏيڻ جي قانوني تڪتي تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
جسٽس اقبال چوڌري ماتحت عدالت جي حڪم خلاف اپيل تي فيصلو ڏنو، ماتحت عدالت مسلمان جي ملڪيت مان غير مسلم کي حصو نه ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ماتحت عدالت جي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ ان خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.
عدالت واضح ڪيو ته اسلامي تعليم موجب ڪو غير مسلم ڪنهن مسلم جي ملڪيت ۾ حصي جو حقدار ناهي، ڀلي اهو مائٽ ڇو نه هجي.
واضح رهي ته گوجرا ۾ لاڏاڻو ڪري ويندڙ شخص 83 ڪنال ايراضي ٻارن ۾ ورهائي ڇڏي هئي پر پوٽي ايراضي جي منتلقي ۽ ان ۾ غير مسلم چاچي کي حصو ڏيڻ جو قدم چيلينج ڪيو هو.
ماتحت عدالت چاچو غير مسلم هجڻ سبب پوٽي جي حق ۾ فيصلو ڏنو، ان فيصلي کي چاچي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ۽ اپيل داخل ڪئي پر هاءِ ڪورٽ اپيل رد ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.