ميلبورن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ بارڊر گواسڪر ٽرافي جي چوٿين ٽيسٽ ميچ دوران ڀارتي ڪامينٽيٽر سنيل گواسڪر وڪيٽ ڪيپر بيٽر رشڀ پنت جي آئوٽ ٿيڻ تي تپي باهه ٿي ويو.
ميلبورن ۾ جاري باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ آسٽريليا جي پوزيشن مضبوط آهي ۽ پهرين اننگز ۾ ميزبان ٽيم کي اڃا به 116 رنسن جي سرسي حاصل آهي.
ميچ دوران رشڀ پنت جي آئوٽ ٿيڻ تي ڪامينٽري دوران سنيل گواسڪر آپي مان نڪري ويو ۽ کيس احمق قرار ڏئي ڇڏيو.
هن چيوته رشڀ پنت پنهنجي وڪيٽ پاڻ ڏني آهي، هن کي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڊگهي اننگز کيڏڻ گهرجي ها.
سنيل گواسڪر سندس شاٽ کي احمقاڻو عمل قرار ڏيندي چيو ته پنت کي ڀارتي ٽيم جي ڊريسنگ روم ۾ نه وڃڻ گهرجي پر ڪنهن ٻئي پاسي هليو وڃي.
واضح رهي ته ايم سي جي ۾ جاري باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڀارت 5 رانديگر آئوٽ 164 رنسن تان پنهنجي اڻپوري اننگز شروع ڪئي ته رشڀ پنت 28 ۽ رويندر جاڙيجا 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
ان کانپوءِ واشنگٽن سُندر ۽ نتيش ڪمار ريڊي ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ڀارت کي ميچ ۾ واپس آندو ٻنهي جي وچ ۾ 127 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.
واشنگٽن ففٽي اسڪور ڪرڻ بعد آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته بمرا کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو.
ان دوران نتيش ڪمار ٽيسٽ ڪيريئر جي پهرين سينچري ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو، ڏينهن جي پڄاڻي تي ڀارت 9 وڪيٽن جي نقصان تي 358 رنسون ٺاهي ورتيون.
ڀارتي ٽيم کي آسٽريليا جي پهرين اننگز جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ اڃا 116 رنسون گهربل آهن.