ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڪروڙين رپين جي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ گرفتار سڪيشن چندر شيکر جيل مان باليووڊ اداڪار جيڪولين کي وڌيڪ هڪ خط لکيو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سڪيش چندر شيکر ٻه سئو ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ٻه هزار پندرهن کان ڀارت جي تهاڙ جيل ۾ قيد آهي جتي هن هڪ خط سان گڏ جيڪولين کي ڪرسمس جو بهترين تحفو به ڏنو آهي.
اهو خط پنجويهه ڊسمبر تي ئي لکيو ويو هو جيڪو هاڻي وائرل ٿي رهيو آهي.
خط ۾ سڪيش جيڪولين کي بيبي گرل چوندي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون آهن ۽ ڪرسمس جي عيد کانئس الڳ ملهائڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
سڪيش خط ۾ لکيو آهي ته منهنجي محبت، توهانکان ڏوري مونکي توهان لاءِ سينٽاڪلاز بڻجڻ کان نٿي روڪي سگهي، مون وٽ هن سال توهان لاءِ تمام خاص تحفو آهي، اڄ مان توهان کي شراب جي بوتل نه پر محبت جي ملڪ فرانس ۾ هڪ انگور جو باغ تحفي ۾ ڏئي رهيو آهيان، اهڙو تحفو جنهن لاءِ توهان ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچو هوندو.
ڀارتي ميڊيا موجب سڪيش جي پهرين واري خط جيان جيڪولين هن خط جو به کيس ڪو جواب ناهي ڏنو.