اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي سمارٽ ميٽرز لڳائڻ جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اوور بلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اوور بلنگ ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي جي جائزي بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس دوران وزيراعظم کي ڪوليسڪو، پيسڪو ۽ فيسڪو جي ڪارڪردگي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته سمارٽ ميٽرز لڳائڻ جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن بلنگ نظام ۾ شفافيت آڻي سگهجي، اوور بلنگ ڪنهن به صورت قبول ناهي، ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته بجلي چوريءَ جي روڪٿام لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.
وزيراعظم بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪٽيو آفيسرن جي مقررين ۾ سستي تي ڳڻتي جو اطهار ڪندي هدايت ڪئي ته انتهائي شفاف عمل ذريعي ڪمپنين جا چيف ايگزيڪٽيو آفيسرن جي مقرري جلد مڪمل ڪئي وڃي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ افرادي قوت جي ڀرتي ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وڃي، نيپرا جو ڏنل ٽارگيٽ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.
بجلي چوري روڪٿام لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن، اوور بلنگ ڪنهن به صورت قبول ناهي: وزيراعظم
Prev Post
You might also like