ننڍڙي غلطي لکين رپين جو هرج، پي ڪي فلم جو سين سچ، آئي فون ڀڳوان جي آ!

ممبئي(ويب ڊيسڪ) پي ڪي فلم ته گهڻ ئي ڏٺي هوندي جنهن ۾ مندرن ۽ پنڊتن جي مختلف ڳالهين کي فلمايو ويو آهي، فلم ۾ هڪ سين آهي ته انوشڪا شرما جو بَٽو مندر ٻاهران پيل چندي واري پيٽي ۾ ڪري پوندو آهي ۽ مندر وارا اهو واپس ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏيندا آهن ۽ انکي اهو چيو ويندو آهي جيڪو ڪجهه ڀڳوان کي دان ڪيو اهو ڀڳوان جو ٿي ويو.

ڀارت ۾ فلم جي ان سين جهڙو واقعو حقيقت ۾ به ٿيو آهي. جتي دنيش نالي همراهه پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ چينائي ۾ ارولميگو ڪنڊاسوامي مندر ۾ پوڄا ڪرڻ ويو.

چندي واري پيتي ۾ پيسا وجهڻ وقت همراهه جي آئي فون موبائل هٿ مان ڪري پئي ۽ گهڻي ڪوشش جي باوجود هو انکي دٻي ۾ وڃڻ کان نه روڪي سگهيو.

آءِ فون ڪرڻ کانپوءِ همراهه پريشان ٿي ويو آ نيٺ مندر انتظاميا سان رابطو ڪيائين، واقعي جي وضاحت کانپوءِ همراهه اهو پنهنجي فون واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

دنيش ان وقت وائڙو ٿي ويو جنهن وقت انتظاميا انکي موبائل واپس ڏيڻ کان انڪار ڪندي اها دعويٰ ڪئي ته قانون موجب عطيي واري دٻي ۾ آيل ڪا به شيءِ واپس ناهي ڪئي ويندي، ڀلي اها پنهنجي مرضي سان دٻي ۾ وجهو يا غلطي سان ان ۾ پئجي وڃي، ڇو ته هاڻي اها توهان جي نه پر ڀڳوان جي ملڪيت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.