پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 15 کان وڌيڪ خارجي ۽ افغان طالبان ماريا ويا

ڪرم( ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسز فتني الخوارج جي دهشتگردن طرفان افغان طالبان جي چيڪ پوسٽن استعمال ڪندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏيو، آپريشن دوران 15 کان وڌيڪ خارجي ۽ افغان طالبان مارجي ويا.
سڪيورٽي ذريعن موجب، فتني الخوارج جي20 کان 25 دهشتگردن افغان طالبان جي چيڪ پوسٽن کي استعمال ڪندي ڪرم ۽ اتر وزيرستان جي سرحد کان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، سڪيورٽي فورسز وقتائتي ڪارروائي ڪندي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ صبح خارجين افغان طالبان سان گڏجي پاڪستاني چوڪين تي فائرنگ ڪئي.
ذريعن موجب، سڪيورٽي فورسز ان بنا جواز فائرنگ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان سائيڊ تي وڏي نقصان بابت جوڳا اطلاع مليا آهن.
سڪيورٽي ذريعن موجب، اثرائتي جوابي ڪارروائي سبب افغان طالبان 6 چوڪيون ڇڏي ڀڄي ويا، افغانستان پاسي وڌيڪ نقصان ٿيڻ جون به خبرون آهن. پاڪستاني فورسز کي ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، رڳو 3 ماڻهن زخمي ٿيڻ جو اطلاع آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان افغان عبوري حڪومت کي بار بار چيو آهي ته خارجين کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ نه ڏئي، پر ان جي باوجود افغان سرزمين مان الخوارج پاران پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروايون جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.