اڪيلائي ۽ ناڪامي کان بچاءُ، زندگي مٽائيندڙ ٽي خاصيتون!

هڪ نئين تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته شخصيت جون ٽي اهم خوبيون اڪثر اهو طئي ڪنديون آهن ته ڪهڙو ماڻهو پنهنجي سڄي زندگي اڪيلو رهندو يا نه يا ڪهڙي ٽن ڳالهين تي عمل ڪري سولائيءَ سان ڪاميابي ماڻي سگهجي ٿي.

جرمني جي بريمن يونيورسٽي جي ماهرن زندگي ۾ اطمينان ۽ شخصيت جي خصلتن جي درجابندي جي بنياد تي اڪيلائي واري ماڻهن ۽ لاڳاپن ۾ رهندڙ ماڻهن جي وچ ۾ ڀيٽ ڪئي آهي.

ماهرن ٽي اصول ٻڌايا آهن جيڪي اڪيلائي ۽ ناڪامين کي بچائڻ ۾ وڏي حد تائين مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.

  1. سماجي سطح تي گهٽ پراعتماد هجڻ:جيڪي ماڻهو سماجي طور پراعتماد نه هوندا آهن، اهي ٻين سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ ججھڪ محسوس ڪندا آهن ۽ پنهنجي ڳالهيون صاف طور تي پيش نه ڪري سگهندا آهن. پر، سماجي پراعتمادي ڪيترائي فائدا ڏئي ٿي. اهو نه رڳو انسان کي بهتر لاڳاپن ۾ مدد ڏئي ٿو، پر ڪيريئر، دوستن، ۽ خاندان سان مضبوط رابطن ۾ پڻ مددگار ٿئي ٿو. خوداعتماديءَ سان انسان پنهنجا خيال پيش ڪري سگهي ٿو ۽ ٻين تي مثبت اثر ڇڏي سگهي ٿو.
  2. گهٽ همت هجڻ:گهٽ همت رکندڙ ماڻهو زندگيءَ ۾ وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻ کان ڪيٻائين ٿا. پر همت، ڪاميابي جي ڪنجي آهي. زندگي ۾ نئين منصوبن کي شروع ڪرڻ، نوان دوست بڻائڻ، يا ڪيريئر ۾ وڏيون اڳڀرائيون ڪرڻ لاءِ همت بنيادي اهميت رکي ٿي. همت سان انسان رڪاوٽن کي منهن ڏئي سگهي ٿو ۽ پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪري سگهي ٿو.
  3. نوان تجربا ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ: نوان تجربا زندگي کي وڌيڪ رنگين بڻائين ٿا. جيڪي ماڻهو نون تجربن کان ڊڄندا آهن، اهي پنهنجي سکيا ۽ تفريح جا موقعا وڃائي ويهندا آهن. زندگيءَ ۾ نوان تجربا ڪرڻ سان انسان نه صرف نوان سبق سکندو آهي، پر پنهنجي ذات بابت به وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪندو آهي. نيون جڳهيون ڏسڻ، نون ماڻهن سان ملي، يا نئين شوقن کي اپنائڻ سان زندگي وڌيڪ دلچسپ ۽ معنيٰ خيز بڻجي ٿي.

تحقيق جي مصنف جوليا اسٽرن چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ سنگل رهندا آهن ۽ جيڪي ڪنهن لاڳاپي ۾ هوندا آهن، انهن جي شخصيت ۾ وڏو فرق هوندو آهي. اسان کي انهن ماڻهن جو وڌيڪ خيال رکڻ گهرجي، ڇو ته جيڪڏهن انهن وٽ خيال رکڻ وارا ماڻهو موجود هجن، ته اهو انهن لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.