ڪراچي ۾ سياري جي ٿڌي ترين رات، سڀ کان گهٽ پارو ڪٿي رهيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ گذريل رات هلندڙ سياري جي سڀ کان ٿڌي رات رڪارڊ ڪئي وئي.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ گذريل رات سياري جي سڀ کان ٿڌي رات رهي، جنهن دوران گلستان جوهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 6.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي ٻڌايو ته جناح ٽرمينل تي گرمي پد 8، شارع فيصل تي 8.5، ماڙيپور ۾ 9 ۽ بن قاسم ۾ گرمي پد 9.7 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو.
ٻئي پاسي موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8 کان 10 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو ته هوا ۾ گهم 25 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته اتر اوڀر کان گهٽ رفتار ۾ هوائون گُهلي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.