ڪمزور نه سمجهيو وڃي: طالبان جي پاڪستان کي تنبيهه

اسلام آباد (م ڊ) افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي پڪتيڪا ۾ تازي بمباري کانپوءِ پاڪستاني حڪومت تي زور ڀريو ته سندن حڪومت کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي. اهو  ڪو بهادري جو عمل ناهي جنهن ۾ ٻارن، عورتن ۽ پوڙهن کي نشانو بڻايو ويو. امير خان متقي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان افغانستان کي گهٽ سمجهي ٿو ته تاريخ مان سبق سکندي سويت يونين، آمريڪا ۽ نيٽو جي حال تي نظر وجهي. ياد رهي ته ان کان اڳ افغانستان جي صوبي پڪتيتا جي چئن علائقن ۾ بمباري جا اطلاع سامهون آيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.