اسلام آباد (م ڊ) ايف بي آر جي چيئرمين راشد محمود لنگريال انڪشاف ڪيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ 5 سيڪڙو ملڪ 16 کرب رپين جو ٽيڪس چوري ڪري رهيا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ايف بي آر چيئرمين چيو ته هلندڙ مالي سال حڪومت جو ٽيڪس گيپ 7.1 ٽريلين رپيا هوندو جيڪو گذريل سال 6.2 ٽريلين رپيا هو، حڪومت جو ٽيڪس اوڳاڙي جو ڌيان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ 5 سيڪڙو ماڻهن تي آهي. 33 لک ماڻهو ٽاپ 5 سيڪڙو ڪمائي ڪندڙ طبقي ۾ اچن ٿا، انهن وٽان رڳو 6 لک ماڻهو ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائين ٿا جڏهن ته ٻيا 27 لک ماڻهو انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع نٿا ڪرائين. ٻئي پاسي ايف بي آر ڪراچي جي 4 شادي هالن طرفان ٽيڪس جمع نه ڪرائڻ تي قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو. کين هدايتون جاري ڪيون ويون هيون پر هنن هن وقت تائين ٽيڪس جمع ناهي ڪرايو.