پ پ ڪڏهن به خيرات گهري وزيراعظم نه بڻائيندي: خورشيد شاهه

سکر (رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پنهنجي رهائشگاهه تي  ڳالهيون ڪندي مختلف سياسي معاملن تي پنهنجا خيال ظاهر ڪندي چيو آهي ته  پيپلز پارٽي ڪڏهن به خيرات گهري وزيراعظم نه بڻائيندي ۽ ان جو مقصد مضبوط ۽ خودمختيار قيادت مهيا ڪرڻ آهي.پير صاحب پاڳاري جي بيانن تي ردعمل ڏيندي خورشيد شاهه چيو ته هنن جو احترام آهي، پر انهن ڳالهين جي ڪا خاص اهميت ناهي. هن دعويٰ ڪئي ته بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ضرور ٿيندو ۽ جيڪڏهن پارٽي چاهي ته هو سڀاڻي به هي عهدو حاصل ڪري سگهي ٿو، پر پيپلز پارٽي ڪمزور حڪومت جي بجاءِ عوام جي حمايت سان مضبوط حڪومت ٺاهڻ تي يقين رکي ٿي. پاڻي جي ورهاست بابت هن چيو ته پيپلز پارٽي هن معاملي تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪندي. خورشيد شاهه پنهنجي ڳالهيون ۾ عوامي مسئلن، سياسي قيادت، ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي پيپلز پارٽي جي موقف کي دوٽڪ انداز ۾ بيان ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.