اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي ترجمان شيخ وقاص اڪرم چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن اهي نه ڪرڻ گهرجن ها، هن جي پريس ڪانفرنس نامناسب هئي، جيڪڏهن سياسي پارٽي اهڙيون ڳالهيون ڪري ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، پي ٽي آءِ کي ڏڦيڙي قرار ڏيڻ مناسب ناهي، ڪارڪنن تي پوليس جي فائرنگ جا فٽيجز موجود آهن، فوجي عدالتون نه هجڻ گهرجن، هاڻي دنيا به اهو ئي چئي رهي آهي، پنهنجي شهرين کي دهشتگرد بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي، مٿن جيڪي الزام لڳايا ويا آهن انهن جا ثبوت ناهن، هن چيو ته ٽي ٽي پي جا ماڻهو پي ڊي ايم جي حڪومتي دور ۾ به هتي آندا ويا، ان جا ثبوت موجود آهن،