”پارليامينٽ جي بالادستي“عمران خان ۽ نوازشريف وچ ۾ رابطي لاءِ ڪوششون

اسلام آباد(حماد حسن)عمران خان ۽ نوازشريف وچ ۾ رابطن لاءِ محب وطن شخصيت ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن،هن جي عمران خان جي ويجهو ٽن ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون آهن،هن جون تجويزون عمران خان تائين پهچايون ويون آهن،حيرت انگيز طور تي عمران خان جو جواب تمام گهڻو هاڪاري رهيو،عمران خان ان شخصيت جي ڳالهين سان اتفاق ڪري ورتو آهي،ان شخصيت ڪجهه عرصو اڳ لنڊن يا سوئٽزرلينڊ ۾ نوازشريف سان ملاقات ڪئي هئي، ذريعن موجب عمران ۽ نوازشريف وچ ۾ رابطا بحال ٿيا ته ان کي پ پ،جي يو آءِ،اي اين پي ۽ ٻين سياسي پارٽين تائين به رابطا وڌايا ويندا،نوازشريف اڃا تائين مونجهاري جو شڪار آهي،هن کي ڪجهه خدشا آهن،هن جي ڀيٽ ۾ عمران خان مڪمل اعتماد رکي ٿو،نوازشريف ۽ عمران خان وچ ۾ رابطا بحال ٿيا ته پوءِ معاملا تيزي سان سڌاري ڏانهن ويندا،ان جي ايجنڊا هڪ نڪاتي آئين،قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي هوندي،عمران خان جي راضي ٿيڻ جا ڪجهه آثار نظر به اچي رهيا آهن،عمران خان گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهين دوران معيشت ۾ بهتري جي ساراهه ڪئي،اها غيرروايتي ڳالهه هئي،اهو عمران خان جو مزاج به نه هو،ٻيو تازو 60 ڪارڪنن کي فوجي عدالتن مان سزا ملڻ تي پي ٽي آءِ هاءِ گهوڙا نه ڪئي،ان جو ردعمل به ايترو تيز نه هو،حڪومت جو پي ٽي آءِ خلاف ردعمل به ايترو جارحاڻو  ناهي،عمران خان کي ڪيس واپس وٺي آزاد ڪري سگهجي ٿو،ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهين لاءِ ضمانتي پاڪستان اندر ۽ ٻاهرين ملڪ به ٿي سگهن ٿا،ڳالهيون ڪامياب ٿين ٿيون ته سياست ۽ جمهوريت کي وڏو فائدو ٿيندو،سياسي پارٽيون هڪ پيج تي اچن ٿيون ته اهو هڪ آئيڊيل منظرنامو هوندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 28 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.