اڳوڻي سونهن راڻيءَ سلمان سان محبت جو اعتراف ڪري ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا ۾ ڪيترن ئي اداڪارن ۽ اداڪارائن جي محبت جا قصا ايندا رهندا آهن جن مان ڪجهه حقيقت هجن ٿا ته ڪجهه وري رڳو هٿ ٺوڪيون خبرون هونديون آهن.

ان سان گڏ ڪيترائي اداڪار توڙي اداڪارائون اهڙيون به هونديون آهن جيڪي پنهنجي مداحن کي حال توڙي ماضي جي محبت جا راز ٻڌائڻ ۾ ناهن ڪيٻائينديون.

اهڙي ئي حوالي سان نوي واري ڏهاڪي جي ناليواري اداڪارا سشميتا سين انڪشاف ڪيو آهي ته کيس سلمان خان اصل محبت هئي ۽ مين ني پيار ڪيا جا پوسٽر ان لاءِ پاڪ آهن.

ناليواري اداڪارا سشميتا سين جو چوڻ آهي ته سلمان خان سان منهنجي محبت آهي ۽ منهنجي لاءِ فلم مين ني پيار ڪيا جا پوسٽر پاڪ آهن.

 

سشميتا سين اڻويهه سئو نوانوي ۾ فلم بيوي نمبر ون ۾ سلمان خان سان گڏجي ڪم ڪيو پر هوءَ انکان اڳ به سلمان خان جي محبت ۾ قيد هئي.

هڪ يوٽيوب چينل تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اداڪارا چيو ته مونکي جيڪا به خرچي ملندي هئي، ان مان سلمان خان جا پوسٽر وٺندي هيس، انهن ڏينهن ۾ فلم مين ني پيار ڪيا رليز ٿي، مون وٽ فلم جي ڪبوترن جا فوٽو به هئا ڇو ته اهي سلمان خان جي فلم سان جڙيل هئا.

هن پوسٽرن کي پاڪ قرار ڏيندي چيو ته مان جڏهن پنهنجو هوم ورڪ نه ڪنديس هيس ته منهنجا ماءُ پيءُ مونکي چوندا هئا هوم ورڪ ڪر نه تنهنجي ڪمري مان پوسٽر لاهي ڇڏينداسين ۽ سلمان خان جي پوسٽرن کي بچائڻ لاءِ هوم ورڪ ڪندي هيس ڇو ته پوسٽر مون لاءِ پاڪ هئا ۽ مان ان شخص سان تمام گهڻي محبت ڪندي هيس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.