ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ نئين سال جي موقعي تي ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
صوبائي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڪراچي ۾ 31 ڊسمبر کان پهرين جنوري تائين قلم 144 لاڳو هوندو.
نوٽيفڪيشن موجب، نئين سال جي موقعي تي شهر ۾ هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي تي بندش هوندي.
ياد رهي ته هر سال نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي کانپوءِ ٿيندڙ واقعن ۾ ڪيئي ماڻهو زخمي ۽ زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويهندا آهن.
You might also like