هٿرادو ذهانت ڏينهون وڌيڪ ترقي ڪندي پئي وڃي ان سلسلي ۾ اي آءِ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ هڪ اهڙي اڳڀرائي ٿي آهي جيڪا اڳ ۾ ڪڏهن به عمل ۾ نه آئي هئي.
اوپن اي آءِ ماڊل او ٿري3 O اهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪو اڳ ۾ ڪنهن به اي آءِ نه ڪيو هو.
ويهه ڊسمبر تي او ٿري (اي آر سي-اي جي آءِ) بينچ مارڪ ۾ پنجاسي سيڪڙو اسڪور حاصل ڪيو آهي جيڪو نه رڳو پهرين اسڪور پنجاهه سيڪڙو کان گهڻو وڌيڪ آهي پر اهو عام انسان جيترو ئي آهي، اهو ماڊل رياضي جي هڪ ڏکئي ترين ٽيسٽ ۾ به ڪامياب رهيو.
اوپن اي آءِ ۽ ٻين وڏي رسرچ ليبارٽريز جو هدف هڪ اهڙي هٿرادو ذهانت تخليق ڪرڻ آهي جيڪا انسانن وانگر سوچي ۽ ائين لڳي ٿو ته اهڙي مقصدن لاءِ هڪ وڏو قدم کنيو ويو آهي.
اي آر سي-اي جي آئي جيڪا هڪ انوکي ٽيسٽ آهي جنهن ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪو به اي آءِ ماڊل ڪيترو تڪڙي ۽ ڪيتري گهٽ نمونن مان نيون شيون سکي سگهي ٿو. ان ٽيسٽ ۾ ننڍا پرزا ڏنا ويندا آهن جن کي سمجهڻ جي لاءِ اي آءِ کي ٽن مصالن منجهان هڪ اصول کي ڪڍڻو هوندو آهي ۽ پوءِ انکي چوٿين مثال تي لاڳو ڪرڻ هوندو آهي.
اهو عمل ڪجهه اهڙي ئي ريت آهي جيئن ڪنهن اسڪول يا انٽري ٽيسٽ توڙي امتحان ۾ آءِ ڪيو ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي.
ماهرن موجب اهو ماڊل انتهائي بهترين طريقي سان ڪمزور ۾ ڪمزور اصول ڳولهي ٿو، مطلب اهڙا اصول جيڪا گهڻا عام هجن ۽ مختلف حالتن ۾ لاڳو ٿي سگهن.
جيڪڏهن اهو ماڊل واقعي به انسان جيترو قابل بڻجي اڀريو ته دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيندو، پر جيڪڏهن ائين نه به ٿيو تڏهن به اهو هٿرادو ذهانت جي دنيا ۾ وڏي ڪاميابي ضرور آهي.