آءِ فون ڪئمرا استعمال دوران نظر ايندڙ گُل جو مقصد ڇا آهي؟

آءِ فونز کي سڄي دنيا ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي، پر گهڻي ڀاڱي ماڻهو اِها ڪيمرا سسٽم جي ڪري خريد ڪرڻ پسند ڪن ٿا.
جيڪڏهن توهان به انهن ماڻهن مان آهيو، ته ڄاڻو ته آءِ فون جو ڪيمرا سسٽم واقعي بهترين هوندو آهي.
هر سال ايپل طرفان ڪيمرا سسٽم لاءِ نوان فيچرز واڌارو ڪيو ويندو آهي.
مثال طور، آءِ فون 16 پرو ۾ 48 ميگا پڪسل فيوزن ڪيمرا ۽ ڪيمرا ڪنٽرول جو اضافو ڪيو ويو آهي.
آءِ فونز جي اسڪرين تي نظر ايندڙ ان اورنج ڊاٽ جو مقصد ڄاڻو ٿا؟
پر ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته آءِ فون 13 سيريز يا ان کانپوءِ وارن ماڊلز جو ڪيمرا استعمال ڪندي ان جي اسڪرين تي هيٺئين کاٻي پاسي ڦڪي رنگ ۾ هڪ گل جو آئڪون ڇو نظر ايندو آهي؟
اهو آئڪون حقيقت ۾ ميڪرو موڊ بابت مددگار ثابت ٿيندو آهي.
ميڪرو موڊ جو فيچر ايپل جي سمارٽ فونز ۾ پهريون ڀيرو 2021 ۾ آءِ فون 13 پرو ۽ 13 پرو ميڪس ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.
آءِ فون جي الٽرا وائيڊ ڪيمرا استعمال ڪندي ميڪرو موڊ بهترين ڪلوز اپ فوٽوز وٺڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
جڏهن توهان جو آءِ فون فوٽو يا وڊيو موڊ تي هوندو آهي ته توهان کي صرف ان کي ڪنهن شيءَ جي ويجهو (2 سينٽي ميٽر ويجهو) وٺي وڃڻو پوندو آهي ۽ ائين ڪرڻ سان ڪيمرا پاڻمرادو الٽرا وائيڊ کان ميڪرو موڊ ۾ سوئچ ڪري ويندو آهي.
ائين ڪرڻ سان ميڪرو موڊ ڪم ڪرڻ لڳندو آهي.
پر جڏهن توهان ميڪرو موڊ کي ڊس ايبل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اهو گل جو آئڪون اهم ثابت ٿيندو آهي.
ان وقت توهان کي فلاور آئڪون تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو آهي ته جيئن ميڪرو موڊ ٽرن آف ٿي وڃي.
جيڪڏهن آئڪون تي ڪلڪ ڪرڻ کانپوءِ ان جو رنگ ناسي ٿي وڃي ته سمجهو ته ميڪرو موڊ ڊس ايبل ٿي چڪو آهي.
ان کانسواءِ توهان ميڪرو موڊ کي ڪيمرا ايپ جي سيٽنگز ۾ وڃي ڪري به ڊس ايبل ڪري سگهو ٿا.
ان لاءِ سيٽنگز ۾ وڃي، پوءِ ڪيمرا تي ڪلڪ ڪري ۽ ان کانپوءِ ميڪرو ڪنٽرول بٽڻ کي ٽرن آف ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.