روسي فوج نيٽو جو يوڪرائن کي ڏنل ايف 16 جنگي جهاز تباهه ڪري ڇڏيو

ماسڪو ويب ڊيسڪ ) روس جي هٿيار بند فوج نيٽو طرفان يوڪرائن کي فراهم ڪيل ايف 16 جنگي جهاز ڪِيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جهاز کي روس جي زاپوريزيا جي علائقي ۾ ميزائل اڇلائڻ جي ڪوشش دوران ڪيرايو ويو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، نئين خطي جي انتظام لاءِ روس جي ڪوآرڊينٽنگ ڪائونسل جي شريڪ چيئر مين ولاديمير روگوف ٽيلي گرام تي لکيو ته يوڪرين جو ايف -16 جنگي جهاز خطي تي ميزائل حملا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هو پر ان کي ڪيرايو ويو آهي .
واضع رهي ته روس جي نجي ڪمپني فوريز نيٽو جي ميمبر ملڪن طرفان يوڪرين کي فراهم ڪيل ايف -16 جنگي جهازن ۾ پهريون جهاز ڪيرائيندڙ کي ڏيڊ ڪروڙ روبل (هڪ لک 70 هزار ڊالر ) انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.