سيول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي پارليامينٽ ڪجهه ڏينهن دوران ٻئي صدر خلاف مواخذي جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڏکڻ ڪوريا جي اپوزيشن جماعتن جي طرفان قائم مقام صدر هان ڊڪ سو خلاف مواخذي جي قرارداد پارليامينٽ ۾ اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي.
ڏکڻ ڪوريا جي قائم مقام صدر پنهنجي پارٽي سان تعلق رکندڙ اڳوڻي صدر يون سڪ يول خلاف ڪارروائي لاءِ آئيني ججن جي مقرري کان انڪار ڪيو هو جنهن تي اپوزيشن صدر خلاف مواخذي جي رٿ آڻڻ جو اعلان ڪيو هو.
اپوزيشن جو مطالبو هو ته ٻه آزاد، خودمختيار جاچ ادارا اڳوڻي صدر يون جي مارشل لا ۽ خاتون اول جي مبينا ڪرپشن واري معاملي جي جاچ ڪن.
هان ڊڪ سو ڏکڻ ڪوريا جو وزيراعظم پڻ آهي ۽ هي پهريون ڀيرو آهي جڏهن ڏکڻ ڪوريا ڪنهن قائم مقام صدر خلاف بي اعتمادي جي رٿ منظور ڪئي آهي.
واضح رهي ته ڏکڻ ڪوريا جي اپوزيشن ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ جي اڳوڻي صدر جي فيصلن خلاف پڻ مواخذي جون ٻه رٿون پيش ڪيون هيون.
اڳوڻي صدر يون سڪ يول خلاف مواخذي جي پهرين رٿ ناڪام ٿي وئي هئي، پر اپوزيشن جي صدر يون خلاف ٻي بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب رهي جنهن سبب کيس عهدو ڇڏڻو پيو .
You might also like