نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه 92 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، معاشي ماهر من موهن سنگهه 2004 کان 2014 تائين ڀارت جا وزيراعظم رهيو.
اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم۽ ڪانگريس جي سينيئر اڳواڻ من موهن سنگهه جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس نئين دهليءَ جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. سندس صحت ڪجهه ڏينهن کان خراب هئي.
ياد رهي ته ڀارت جي پهرئين سِک وزيراعظم من موهن سنگهه 1932 ۾برطانوي هندستان جي ضلعي چڪوال جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو، جتي هن چوٿين جماعت تائين تعليم حاصل ڪئي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس خاندان ڀارت لڏپلاڻ ڪري ويو، جتي هن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، هن برطانيا جي آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽين مان معيشيت ۾ ڊگريون حاصل ڪيون.
معيشيت ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ ڊي لٽ پڻ ڪيو، ان کانسواءِ ڪيئي يونيورسٽين کيس اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگرين سان نوازيو.
هو 2004 کان 2014 تائين ڪانگريس جي طرفان ڀارت جو وزيراعظم رهيو، سندس معاشي پاليسين کي ڀارت جي معيشيت جي ترقي جو سبب قرار ڏنو ويندو آهي.