نون اسڪولن جي رجسٽريشن بسن جي پاليسي سان مشروط

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ نون اسڪولن جي رجسٽريشن اسڪول بسن جي پاليسي سان مشروط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سموگ جي تدارڪ لاءِ داخل درخواستن تي جسٽس شاهِد ڪريم ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت سوال ڪيو ته ٻارن جي اسڪول بسون شروع ڪرڻ لاءِ قدم ڇو ناهن کنيا ويا ؟ 50 سيڪڙو ٻارن لاءِ بسون شروع ڪرڻ واري عدالتي حڪم تي عمل ڇو ناهي ٿيو؟ سيڪريٽري اسڪولز عدالتي حڪمن جي ڀڇڪڙي ڪئي.
جسٽس شاهِد ڪريم رمارڪس ڏيندي چيو ته 30 ڊسمبر تائين ان بابت پاليسي رپورٽ جمع ڪرائي، اسڪولن جي رجسٽريشن ۾ اسڪول بسن کي لازمي قرار ڏيو، نون اسڪولن جي رجسٽريشن بند ڪئي وڃي، هر اسڪول کي هي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي.
عدالت ۾ جڊيشل ڪميشن ميمبر چيو ته هنن ايم ڊي واسا کي چيو هو ته واٽر ميٽر جو ڪم ٻيهر شروع ڪيو، جنهن تي واسا جي وڪيل ٻڌايو ته سندن چيني ڪمپني سان پيسن جا مسئلا هئا، چيني ڪمپني هتي اڪائونٽ کولڻ چاهي ٿي.
جسٽس شاهِد ڪريم چيو ته ڪم گهڻو دير جو شڪار ٿي چڪوآهي، ان کي جلدي شروع ڪيو وڃي، ايندڙ هڪ مهيني ۾ ٻيهر سموگ شروع ٿي ويندي.
بعد ۾ عدالت نون اسڪولن جي رجسٽريشن اسڪول بسن جي پاليسي سان مشروط ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.