ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسيءَ ڀارتي سامونڊي جهاز جي عملي کي بچائي ورتو.
ميڊيا رپورٽس موجب، پاڪستان ميرن ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسيءَ ڀارت جي هڪ بحري جهاز جي عملدارن کي ريسڪيو ڪيو.
پي ايم ايس اي سان ترجمان موجب، 26 ڊسمبر تي جهاز ۾ پاڻي داخل ٿيڻ جي اطلاع مليو هو ، ۽ ڀارتي جهاز ڪراچي کان اٽڪل 120 ميل پري ڏکڻ ۾ موجود هو.
ترجمان موجب، پي ايم ايس اي ترت ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو، ۽ ٽيم کي حادثي واري جاءِ تي موڪليو، جن ڀارتي جهاز جي عملي جي نون ميمبرن کي بچائي ورتو.
You might also like