پنجاب پوليس جو اهڪار غير قانوني ڪم ڪندي پڪڙجي پيو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي جعلي سفري دستاويزن تي سفر ڪندڙ مسافرن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي جي ترجمان موجب اميگريشن اختيارين ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي جعلي سفري دستاويزن سان ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي جوابدار محمد عثمان کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار ڪينيڊا وڃڻ لاءِ عالمي اڏام تي سوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ سندس پاسپورٽ تي ڪينيڊا جي جعلي ويزا لڳل هئي.
شروعاتي جاچ موجب جوابدار شيخوپورا جي ايجنٽ سان ڪينيڊا وڃڻ جو معاهدو ڪيو، هن نواز نالي ايجنٽ سان هڪ ڪروڙ 5 لک رپين ۾ ڪينيڊا وڃڻ جو معاهدو ڪيو.
جوابدار پنجاب پوليس جو ملازم آهي ۽ وومين انڪليو گوجرانوالا ۾ ڪانسٽيبل طور مقرر آهي، جوابدار کي ايجنٽ جي نشاندهي ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي هومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.