بيتول (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر نمن اوجها جي پيءُ کي ڪرپشن جي ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏيندي ست سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر نمن اوجهان جو پيءُ وني اوجها انهن چئن جوابدارن ۾ شامل آهي جن کي مڌيا پرديش جي ضلعي بيتول ۾ بئنڪ آف مهارشٽرا جي برانچ ۾ 11 سال اڳ هڪ ڪروڙ پنجويهه لک رپين جي گهوٻين جي الزام هيٺ سزا ٻڌائي وئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس ڇهن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، ملٽي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ اڱاري ڏينهن ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.
رپورٽ موجب، 11 سال اڳ وني اوجها بئنڪ ۾ برانچ مئنيجر هو، مٿس هاڻي قيد کانسواءِ ست لک ڀارتي رپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽ موجب، ڪرپشن ڪيس جي ماسٽر مائينڊ، اڀيشيڪ رتنم کي 10 سال ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جڏهن ته ٻين ٻن بروڪرز کي به ست سال قيد ۽ ست لک رپيا ڏنڊ سزا ٻڌائي وئي آهي.
ياد رهي ته مڌيا پرديش سان واسطو رکندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽر چئن عالمي ميچن ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
You might also like