بشار الاسد جي گهرواري اسما موتمار بيماري ۾ مبتلا، بچڻ جا امڪان گهٽ

معزول شامي صدر بشار الاسد جي گهرواري اسما الاسد خون جي خطرناڪ ڪينسر ”ليوڪيميا“ ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب بشار الاسد جي گهرواري جنهن مرض ۾ مبتلا آهي، ان ۾ بچڻ جا چانس 50 سيڪڙو هوندا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مرض جي سڃاڻپ کانپوءِ، انفيڪشن جو خطرو گهٽائڻ لاءِ اسما الاسد کي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي، جتي سندس علاج جاري آهي.
رپورٽ موجب اسما الاسد 2019 ۾ به ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي هئي ۽ هڪ سال جي علاج کان پوءِ هڻ پاڻ کي ڪينسر کان پاڪ قرار ڏنو هو.
واضح رهي ته لنڊن سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر جي ڌيءُ اسما الاسد 2000 ۾ بشار الاسد سان شادي ڪئي هئي ۽ ان جوڙي کي 3 ٻار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.