ميلبورن (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي آسٽريلوي اوپنر سيم ڪونسٽاس سان وچڙڻ مهانگو پئجي ويو، آءِ سي سي معاملي جو نوٽيس وٺندي مٿس ميچ فيس جو 20 سيڪڙو ڏنڊ مڙهي ڇڏيو.
آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ بارڊر گواسڪر ٽرافي جي باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن ويرات ڪوهلي ڪينگروز اوپنر سيم ڪونسٽاس کي ڄاڻي واڻي ڪلهو هنيو.
آءِ سي سي جو نوٽيس
آءِ سي سي ويرات ڪوهلي جي اهڙي رويي جو ترت نوٽيس ورتو ۽ مٿس ميچ فِيَس جو 20 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪندي هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ پڻ ڏني آهي.
معاملو ڇا هو؟
باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن سيم ڪونسٽاس ڀارتي بالر جسپريت بمرا خلاف غيرمعمولي شاٽس کيڏيون، جن تي اوپنر جو اعتماد ۽ ڌيان ڀٽڪائڻ لاءِ ويرات ڪوهليءَ مٿس جملي بازي ڪئي ۽ پِچ تي نوجوان بيٽر سان ٽڪرائيندي کيس ڪلهو پڻ هنيو.
ڪوهلي جي رويي تي عثمان خواجا مُرڪندي ڪوهلي جي ڪُلهي تي هٿ رکي معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ميچ آفيشلز به مداخلت ڪري معاملو ٺاري ڇڏيو.
ويرات ڪوهليءَ سان ڏند چڪ باوجود سيم ڪونسٽاس اعتماد سان کيڏيو ۽ پنهنجي ڊيبيو ميچ کي يادگار بڻائيندي ففٽي اسڪور ڪئي، هو 65 بالن تي 60 رنسون ٺاهي رويندر جاڙيجا جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو .
سيم ڪونسٽاس پنهنجي اننگز دوران ڀارتي بالر جسپريت بمرا کي ريورس اسڪوپ ذريعي ڇڪو پڻ هنيو، ٽن ورهين يعني سڊني ٽيسٽ 2021 کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن بيٽر بمرا کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڇڪو هنيو آهي.
ڪوهلي تي تنقيد
ويرات ڪوهلي جي اهڙي رويي کي اڳوڻن ڪرڪيٽرن سميت شوقينن طرفان ”هلڪڙائپ“ قرار ڏنو ويو.
آسٽريلوي براڊ ڪاسٽرن، چيو ته هن واقعي ۾ واضح طور تي ڪوهلي ذميوار آهي.
سندن چوڻ هو ته بيٽنگ دوران بيٽر پِچ جو مالڪ هوندو آهي ۽ خاص طور تي اهڙن اوورن دوران بيٽرز هڪٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن.
انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان پڻ ڪوهليءَ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هو ( ڪوهلي ) ئي هن واقعي جو ذميوار آهي.
هن جو چوڻ هو ته ڪوهلي هڪ تجربيڪار رانديگر آهي، 19 سالن جي رانديگر سان سندس رويو مناسب نه هو، ڇو ته ويرات ڪوهلي ئي پهريان ڪونسٽاس ڏانهن وڌيو هو.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ چيو ته حقيقت ۾ غلطي ويرات ڪوهلي جي هئي هن سيم ڪونسٽاس کي ٽڪر هڻي تڪرار کڙو ڪيو.
رڳو پرڏيهي رانديگر نه پر ڀارتي ڪرڪيٽر به ان معاملي تي ويرات ڪوهليءَ کي ذميوار قرار ڏيندي کيس تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
اڳوڻي ڀارتي ڪوچ ۽ ڪامينٽيٽر روي شاستري چيو ته ڪوهلي جو رويو غير ضروري هو ۽ ميچ ريفري ان جو نوٽيس ضرور وٺندو، جڏهن ته سنيل گواسڪر جو چوڻ هو ته ڪوهلي ان تڪرار مان سولائيءَ سان بچي ويندو.
سندس چوڻ هو ته ” جيڪڏهن اوهان ڏسي رهيا آهيو ته ڪو اوهان جي آڏو اچي رهيو آهي ته اوهان رستي تان هٽي ويندا آهيو ۽ ائين ڪرڻ سان ڪو ننڍو به ناهي ٿي ويندو.“
اهڙي ريت سوشل ميڊيا تي واهپيدار به ويرات ڪوهلي تي تنقيد ڪري رهيا آهن، هڪ واهپيدار لکيو ته ” ويرات ڪوهلي کي اڻويهه ورهين جي نوجوان سان ائين نه ڪرڻ گهربو هو جيڪو اڄ پنهنجي پهرين ميچ کيڏي رهيو آهي.“
هڪ واهپيدار چيو ته ” ڪوهلي هڪ تجربيڪار رانديگر آهي، سندس رويو انتهائي مايوس ڪندڙ هو.“
آسٽريليا جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اليسا هيلي به ويرات کي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ڀارتي بيٽر آسٽريلوي ٽيم جي سڀ کان نوجوان رُڪن کي نشانو بڻايو .
هن ويرات ڪوهلي جو حوالو ڏيندي چيو ته” اِهو انتهائي مايوس ڪندڙ رويو آهي، اوهان اهڙي قسم جي رويي جي اميد ويرات ڪوهليءَ جهڙي تجربيڪار ۽ پنهنجي ملڪ جي بهترين رانديگر مان نٿا رکي سگهو.“
پاڻي جي وقفي دوران ڪونسٽاس واقعي جا تفصيل ٻائيندي چيو ته ”گرائونڊ ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو، اهو اُتي ئي رهندو آهي. مون کي مقابلو ڪرڻ پسند آهي ۽ خاص طور تي جڏهن اسٽيڊيم تماشائين سان ڀريل هجي.“
هن چيو ته” اهڙي قسم جون شيون ميچ دوران ٿينديون رهنديون آهن، جيڪي ميدان ۾ ئي ختم ٿيڻ گهرجن.“
هتي ذڪر جوڳي ڳالهه اِها آهي ته سيم ڪونسٽاس به ويرات ڪوهليءَ جو مداح آهي ۽ کيس هڪ عظيم بيٽر قرار ڏئي ٿو.
واضح رهي ته هي پهريون ڀيرو ناهي جڏهن ڪوهلي ڪنهن تڪرار سبب تنقيد جي نشاني تي آهي.
ان کان اڳ 2023 ۾ڪوهلي جي انڊين پريميئر ليگ جي ميچ جي پڄاڻي تي لکنئو سپر جائنٽس جي ڪوچ گوتم گمڀير سان به سخت جملن جو ڏي وٺ ٿي هئي ، ٻنهي تي ڳرو ڏنڊ پڻ هنيو ويو هو.
سال 2022 ۾ ڀارت جي دوري دوران ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿرڊ امپائر جي فيصلي تي اعتراض ڪندي ويرات ڪوهلي اسٽمپ مائڪ تي ٿرڊ امپائر تي تنقيد ڪئي هئي.
You might also like