اسرائيل عمران ذريعي ايٽمي اثاثا تباهه ڪرڻ چاهي ٿو:خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آپريشن گولڊ سمٿ جا ريڪروٽ جتي به موجود آهن، اهي عمران خان کي بچائڻ لاءِ ملڪي مفادن خلاف مهم هلائي رهيا آهن.ايڪس تي ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته ”آپريشن گولڊ سمٿ جا ورڪر جتي به ڀرتي ٿيا آهن اهي عمران خان کي بچائڻ لاءِ پاڪستان جي مفادن خلاف ڀرپور مهم هلائي رهيا آهن، اهڙن عنصرن کي اسرائيل جي مڪمل حمايت حاصل آهي ۽ هو ميڊيا ۾ مسلسل بحث ڪري رهيا آهن،خواجا آصف چيو ته ان مان صاف ظاهر آهي ته عمران خان اسرائيلي اثاثو آهي جنهن ذريعي هو مسلمانن جي واحد  ايٽمي طاقت کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا پر اهو واضح هجڻ گهرجي ته اسان پاڪستاني قوم پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا، اسان جي پهرين ۽ آخري ترجيح صرف پاڪستان آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.