انسان جو مدافعتي نظام جسم کي مختلف بيمارين کان بچائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، مدافعتي نظام جو مضبوط هجڻ ئي بيمارين سان مقابلو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
ماهرن موجب مدافعتي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ متوازن غذا جو استعمال ضروري آهي، جيئن جسم ۾ داخل ٿيندڙ زهريلي مواد، وائرس يا بيڪٽيريا سان مقابلو ڪري سگهجي.
ماهر دوا بدران غذا ذريعي مدافعتي نظام کي مستحڪم ڪرڻ جي صلاح ڏيندا آهن، ماهرن موجب مختلف وٽامنز ۽ معدنيات مدافعتي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي.
وٽامن اَي
وٽامن اي مدافعتي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم غذائي جز آهي، وٽامن اي ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ خاصيتون پڻ موجود آهن، ان جا اهم ذريعا بيضا، ڪدو، اخروٽ، هنداڻو ۽ سائي رنگ جون ڀاڄيون آهن، جڏهن ته ڊيري پراڊڪسٽس ۾ پڻ وٽامن اي موجود هوندو آهي.
وٽامن سي
ماهرن موجب وٽامن سي انفيڪشن کان بچڻ يا بيماري جي مدي کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ جسم جي جراثيمن خلاف مزاحمت کي مضبوط ڪندو آهي، نارنگي، اسٽرا بيري، پپيتو، پالڪ، گوبي ۽ شملا مرچ کائي وٽامن سي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
وٽامن ڊي
وٽامن ڊي جي کوٽ سان سنڌن ۾ سور ۽ ٻيون تڪليفون پيش اچي سگهن ٿيون، روز اُس تي ويهي وٽامن ڊي جي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي، ان کانسواءِ مڇي، کير، بيضا به وٽامن ڊي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهن.
فولڪ ايسڊ
فولڪ ايسڊ دل جي بيمارين جو خطرو گهٽائڻ ۽ مدافعتي قوت کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، اهو جسم کي رت جي کوٽ کان بچائيندو آهي، فولڪ ايسڊ جي مناسب مقدار حاصل ڪرڻ لاءِ ميوا، داليون، اَن، چانور کائڻ گهرجن.
آئرن
جسم ۾ خلين تائين آڪسيجن منتقل ڪرڻ ۾ آئرن جو اهم ڪردار آهي ۽ اها مدافعتي نظام ۾ پڻ اهم جز آهي، جسم ۾ رت جي کوٽ حقيقت ۾ آئرن جي کوٽ جو نتيجو آهي، جنهن سبب مٿي ۾ سور، جسم ۾ ڪمزوري ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي سگهي ٿي، ڳاڙهو گوشت، ڪڪڙ جو گوشت، ميوا، اَن، گوبي جي استعمال سان آئرن جي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي.
زنڪ
زنڪ مدافعتي خليون ٺاهڻ لاءِ انتهائي اهم ۽ لازمي سمجهيو ويندو آهي. گوشت، ڪدو جا ٻج، ڪَڇُ، کير ۽ ميوا ان جو ڀرپور ذريعو آهن.
وٽامن بي 6
وٽامن بي 6 مدافعتي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، چڻن ۾ وٽامن بي 6 وڏي مقدار ۾ هوندو آهي، ان کانسواءِ پٽاٽي ۽ ڪڪڙ جي گوشت ذريعي پڻ وٽامن بي 6 جي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي.
وٽامن بي 12
وٽامن بي 12 سامونڊي خوراڪ، بيضن، کير، ڪيلن جهڙين غذائن مان حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڀاڄيون ۽ ميوا پڻ وٽامن بي 2 جي کوٽ ختم ڪن ٿا.
You might also like