پريالوءِ ويجهو ناريجا – سولنگي تڪرار تان 5 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

پريالوءِ/پيرجوڳوٺ(رپورٽ: عمران اوٺو/ وسيم سنڌي)  پريالو جي ڪچي واري علائقي فيض محمد  ٻنڊو ۾ 20 ڏينهن اڳ سولنگي برادري سان تعلق رکندڙ اسپيشل پوليس ٽيم جي اهلڪارن هٿان مارجي ويل  ڏوهاري سائين ڏنو ناريجو جي قتل جي پلاند ۾ ناريجا برادري جي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پاران حملو ڪري شديد فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ  ٻاهران رستي تي بيٺل هڪ ڄڻو سراج احمد سولنگي موقعي تي ئي قتل ٿي ويو  جڏهن ته 2 ڄڻا عتق الرحمان سولنگي ۽ منظور حسين سولنگي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي عتيق الرحمان سولنگي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته اهڙي اطلاع تي سولنگي برادري جي هٿياربندن پيرجوڳوٺ کان خيرپور موٽر سائيڪلن تي کير کڻي ويندڙ ٽن ڄڻن کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري قتل ڪري ڇڏيو ، جڏهن ته اهڙي اطلاع تي وڏا ماڇيون ۽ پيرجوڳوٺ پوليس سيد زمان شاهھ راشدي پئٽرول پمپ ڀرسان مارجي ويل ٽنهي ڄڻن جا لاش هٿ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ پيرجوڳوٺ اسپتال آندا جتي ٽنهي مارجي ويل مقتولن جي سڃاڻپ صدرجي ڀٽيون لڳ ڳوٺ ملڻ ناريجو جي رھواسين اعجاز علي پٽ غلام حيدر ناريجو، قائم الدين پٽ غلام حيدر ناريجو ۽ ميانداد پٽ خدا بخش ناريجو طور ڪئي وئي آهي جڏهن ته هوڏانهن مارجي ويل ناريجا برادري جي ٽن مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جا نوجوان جيڪي سکر کان کير وڪرو ڪري واپس پيرجوڳوٺ طرف اچي رهيا هئا ته کين سولنگي برادري جي هٿياربندن اغوا ڪري کين قتل ڪري ظلم ڪيو آهي،  ٻئي طرف سولنگي برادري جي قتل ٿيل نوجوانن جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڏوهاري سائين ڏنو ناريجو پوليس هٿان مارجي ويو هو پر ان جي باوجود ناريجا برادري جي هٿياربندن ڳوٺ گاگڙي تي حملو ڪري اسان جا نوجوان بي گناھه قتل ڪيا آهن، ھوڏانھن 5 ڄڻن جي قتلن بعد علائقي ۾ سخت خوف واري صورتحال آهي ٻنهي ڌرين جا ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن  جڏهن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ وڌيڪ خونريزي جو خدشو پئدا ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.