ٺٽو ( پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو نواز شاهه ڀاڏائي غفار ميرجت گيل موري پھچي ڪجھ ڏينھن پھريان خشڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران قتل ٿيل علي حسن خشڪ جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ واقعي جا تفصيل ورتا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي محاذ سربراھ رياض علي چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ برادري تڪرار ڪرايا پيا وڃن قانون جي رٽ نـ ھئڻ ۽ انصاف ۾ دير سبب ماڻھن ۾ انتقام جي باھ ڀڙڪي اٿي ٿي اترئين ضلعن ۾ بدامني جي راڪاس کان پوء ھاڻ ھٿ وٺي لاڙ جو امن بـ تباھ ڪيو ويو آھي خشڪ برادري ٻنھي طرفن کان ٽن نوجوانن جو قتل ٿيڻ افسوسناڪ آھي کين پرامن رھڻ جي اپيل ڪريان ٿو جلد ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلو وٺي وينداسين، ھن ڪجهھ ڏينھن پھريان غلام الله مان سرڪاري ڌر طرفان انتقامي ڪاروائي تحت گرفتار ڪرايل ملهھ پھلوان اياز شاهه بخاري واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي پنھجي مخالفن خلاف ڪريل ھٿڪنڊا استعمال ڪري رھي آهي، جنھن جي مذمت ڪريان ٿو سنڌ ۾ اڻ سڌي طرح مارشلا لاڳو آھي بي گناھ قتل ٿيل ماڻھن جا قاتل آزاد گهمي رهيا آهن، ٻي طرف جيئي سنڌ محاذ جو اجلاس مراد علي شاهه ڀاڏائي ھائوس تي رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿيو جنھن ۾ 17 جنوري تي سن ۾ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ٿيندڙ سالگرھ جي ڪاميابي لاءِ غور ويچار ڪندي فيصلا ڪيا ويا اجلاس ۾ مرڪزي توڙي ضلعي اڳواڻن شرڪت ڪئي.