مارفاڻي قمبراڻي تڪرار جو نبيرو،9 خون ثابت، پوڻا 3 ڪروڙ ڏنڊ مقرر

جيڪب آباد/شڪارپور (رپورٽ : سڪندر علي سرڪي/ ذوالفقار مگسي) جيڪب آباد جي علائقي مولاداد ۾ نور رحمان جکراڻي جي بنگلي تي معرفاڻي ۽ قمبراڻي برادري جي ٻن ڌرين جي پراڻي خوني تڪرار جو جرڳو برحان خان چانڊيو بابل خان ڀيو ۽ شفقت جکراڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيو سرپئنچ علي نواز معرفاڻي ۽ ڏيول خان قمبراڻي جي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون جنهن کانپوءِ سرپئنچ بند ڪمري ۾ مشيرن مير چنگيز پنهور، جاڳڻ خان ڀيو، نجف خان ڪماريو سان صلاح مشوري کانپوءِ ٻاهر اچي فتويٰ جاري ڪئي فتويٰ موجب معرفاڻي ڌر مٿان 6 خون ٻه زخمي ۽ قمبراڻي ڌر مٿان 3 خون ٻه زخمي ثابت ٿيا في خون جي بها 25/25 لک روپيا مقرر ڪئي وئي ڏيول قمبراڻي جي پٽ ۽ ڀائيٽي جي خون جو بها 35/35 لک روپيا رکيو ويو معرفاڻي ڌر مٿان 6 خونن ۽ ٻن زخمين جا هڪ ڪروڙ 84 لک 50 هزار روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جڏهن ته قمبراڻي ڌر مٿان معرفاڻي ڌر جا 3 خون ۽ 2 زخمين جا 89 لک مقرر ڪيا ويا مجموعي طور ٻنهي ڌرين تي 2 ڪروڙ 73 لک 50 هزار روپيا ڏنڊ رکي وئي آهي جڏهن ته ڏيول قمبراڻي سرپئنچ برحان خان چانڊيو ۽ ممتاز جکراڻي جي چوڻ تي 20 لک روپيا ٿڏي تي معاف ڪري ڇڏيا معرفاڻي ڌر 89 لک ڪٽي بقايا رقم 75 لک 50 هزار ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي جڏهن ته قمبراڻين جا 2 ڪلاشنڪوف هڪ جي ٿري جيڪي معرفاڻي ڌر وٽ آهن اهي واپس ڪندا معرفاڻي برادري تي پيل ڏنڊ ۽ هٿيار واپس ڪرائڻ واري معاملي جا  اختيار صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو جي حوالي ڪيا ويا آهن جيڪي ٻنهي ڌرين ۾ تربيت سان حل ڪرائيندو ٻئي ڌريون هڪٻئي خلاف داخل ڪيل ڪيس واپس وٺنديون ان موقعي تي سرپئنچ برحان خان چانڊيو چيو ته معرفاڻي برادري جي ٻن پاڙن هوتاڻي ۽ دائوداڻي وارن جو قمبراڻي برادري سان هلندڙ خوني تڪرار ختم ڪرايو ويو آهي مجموعي طور ٻنهي ڌرين تي 2 ڪروڙ 73 لک 50 هزار روپيا ڏنڊ رکي وئي آهي معرفاڻي ڌر تي وڌيڪ چٽي وئي جيڪا ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي هن چيو ته فتويٰ موجب ته جيڪا به ڌر اڳرائي ڪندي ان مٿان 50 لک ڏنڊ لڳندو باقي پاڪ ڪتاب تي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.