هڪ ٻيو ٻار معذور، پاڪستان ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 65 ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ پوليو جو نئون ڪيس سامهون اچي ويو، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ هلندڙ سال پوليو ڪيسن جو مجموعي انگ 65 ٿي ويو آهي.
اڱاري ڏينهن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته نئون ڪيس قلعي عبدالله ۾ سامهون آيو آهي، اهو هلندڙ سال ان ضلعي مان سامهون ايندڙ ستون ڪيس آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو وائرس جا 65 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، جن مان بلوچستان ۾ 27، خيبر پختونخواهه ۽ سنڌ ۾ 18-18، پنجاب ۽ اسلام آباد مان هڪ – هڪ ڪيس سامهون آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.