اوٻاسي جو ظاهري طور تي ڪو ڪم يا مقصد ناهي هوندو، اوٻاسي اچڻ سان ننڊاکو ٿيڻ، ٿڪاوٽ يا سستي هجڻ جي علامت کي ظاهر ٿيڻ سمجهيو ويندو آهي.
پر توهان گهڻي قدر اهو به ڏٺو هوندو ته ڀلي ٿڪاوٽ يا سستي نه به هجي تڏهن جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي اوٻاسي ڏيندي ڏسبو آهي ته اسان به پاڻمرادو طور اوٻاسي ڏيڻ شروع ٿي ويندا آهيون.
توهان ڪڏهن سوچو آهي ته اها هروڀرو واري اوٻاسي اسان ڏيندا ڇو آهيون؟ يا اوٻاسي ايندي ڇو آهي؟ ننڊ اچڻ کان اڳ اکيون ٻوٽبيون وينديون آهن اهو ان جو اشارو ڪافي نه هو؟ يا ٿڪاوٽ توڙي سستي هجي ته بس ماڻهو هڪ هنڌ ساڻو پئجي رهي، ان ۾ اوٻاسي جو ڪهڙو ضرور؟
بهرحال جيڪڏهن توهان ڪڏهن ناهي سوچو ته واندڪائي هجي ته انتي غور ڪجو، ٻيو نه ته توهان پنهنجي منهن سي کِلي وقت سُٺو گذاري وٺندا.
اوٻاسي جو ظاهري مقصد يا مطلب نه به هجي پر ڪنهن به ماڻهو کي اوٻاسي ڏيندي ته اوٻاسي اچي ويندي آهي پر حيران ڪندڙ طور تي ڇا توهان کي خبر آهي ته پنجونجاهه سيڪڙو ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي رڳو هڪ لفظ ٻڌڻ سان ئي اوٻاسي يا اوٻاسيون ڏيڻ شروع ٿي ويندا آهن.
توهان کي ان لفظ جي خبر آهي ته اهو لفظ ڪهڙو آهي؟
اصل ۾ ”اوٻاسي“ پاڻ ئي اهڙو لفظ آهي جيڪو ڪنهن جي واتان ڪنهن جي واتان نڪري يا ڪٿي لکيل پڙهجي ته پنجونجاهه سيڪڙو ماڻهن کي اوٻاسي اچي ويندي آهي.
اهو ئي سبب آهي ته هيءَ خبر پڙهن سان ئي ڪيترن ئي ماڻهن اوٻاسي ڏني هوندي، مزي جي ڳالهه اها به آهي ته اوٻاسي ڏيندڙ ماڻهن ٿورو مسڪرايا به ضرور هوندا.
جيڪڏهن توهان به اوٻاسي ٻڌي ۽ اوٻاسي ڏني آهي ته خاموشي سان ويهي رهو، ائين نه ته گهر ڀاتي يا ڀر ۾ موجود ماڻهو اوهان جي اوٻاسي کي ڏسي اوٻاسي ڏين ۽ اوهان کان کِل نڪري وڃي، ڪڏهن ڪڏهن اوچتي کِل تي ڀروارا ماڻهو جيئن حيران ٿيندا آهن تيئن ئي ٽهڪ تيز ٿيندا ويندا آهن.