ڪنهن کي خبر نه هوندي! اسٽيپلر ۾ لڪل ڳجهي سيٽنگ به وڏي ڪم جي

اسٽيپلر يا ٽراچنين واري مشين اصل ۾ پنن کي هڪ جاءِ تي گڏائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي، ساڳئي ئي موضوع تي گهربل هڪ کان وڌيڪ پنن جي ضرورت هجي ته انهن کي ٽراچنين واري مشين سان ڳنڍيو ويندو آهي ان جو استعمال آفيسن ۾ ته ضروري هوندو آهي پر اها ڪيترن ئي گهرن جي پڻ ضرورت آهي.

ڇا توهان کي خبر آهي ته جنهن اسٽيپلر کي توهان روز استعمال ڪندا آهيو ان ۾ هڪ ڳجهي سيٽنگ به هوندي آهي جنهن جي ڪم جي ڪنهن کي به خبر نه هوندي، گهڻي قدر ماڻهو انکي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن.

اسٽيپلر جي ڌاتو واري هيٺين پَٽي جنهن تي پنن کي رکي مشين جي مٿين حصي کي دٻايو ويندو آهي ان پٽيءَ ۾ ٽراچني کي موڙڻ لاءِ هڪ ننڍڙي پَٽي لڳل هوندي آهي، انکي غور سان ڏسندئو ته ان ۾ انوکي کڏا نظر ايندا.

ان ننڍڙي چوڪنڊياري پٽي جي هيٺان هڪ ننڍڙو بٽڻ جيان گول حصو هوندو آهي جنهن ۾ اسپرينگ لڳل هجي ٿو، انکي دٻائي ان پَٽي کي گهمائي سگهبو آهي.

حقيقت ۾ اها پٽي پنن کي ڳڏائڻ جي سيٽنگ هوندي آهي، ان جي مدد سان ٽراچنيون ٻن الڳ طريقن سان پنن ۾ لڳائي سگهبيون آهن. هڪ سيٽنگ ۾ ٽراچنيون هڪٻئي جي تمام ويجهو لڳنديون آهن جنهن جي ڪري اها ٽراچنيون پنن کي ايترو ته مضبوط ڪنديون آهن جو انهن کي الڳ ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويندو آهي، جڏهن ته ٻئي سيٽنگ ۾ وري ٽراچنين جا منڍ ٿورا پري پري هوندا آهن جنهن جي ڪري انهن کي کولي پنن کي الڳ ڪرڻ ۾ سهولت هجي ٿي.

حقيقت ۾ اسٽيپلر ۾ انهن ٻن سيٽنگز جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن توهان ڪي ڪاغذ عارضي طور تي گڏائڻ چاهيو ٿا ته انهن کي ٽراچنين کي پري کان ڳنڍڻ واري سيٽنگ کي استعمال ڪيو، جيڪڏهن توهان پنن کي سدائين لاءِ ڳنڍڻ چاهيو ٿا ته انهن کي ويجهي کان ڳنڍڻ واري سيٽنگ سان جوڙيو.

ان ٻن الڳ الڳ سيٽنگز واري پليٽ کي اسٽرائيڪ پليٽ يا anvil چيو ويندو آهي ۽ انکي ريفليڪس ايبل سيٽنگ به چيو وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.