ڪوٽ ادو (ويب ڊيسڪ) ڪوٽ ادو ۾ مڙس زال تي تشدد دوران کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب ڪوٽ ادو جي علائقي پتي سلطان محمود شرقي ۾ جوابدار گهر ۾ پنهنجي زال تي تشدد ڪري رهيو هو، عورت جي رڙين تي پاڙيسري نوجوان پهچي کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدار مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو مارجي ويو.
پوليس موجب واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.
You might also like