ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ سبب مختلف علائقن ۾ ٿڌ وڌي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب، ايندڙ ڏينهن ۾ سردي وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ جو امڪان آهي. شهرين کي گرم ڪپڙا استعمال ڪرڻ ۽ غير ضروري ٻاهر وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙي جو امڪان آهي.
موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ملڪ جي جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ گھڻي ٿڌ پوڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ اوڀر پنجاب ۾ جهڙالي موسم رهندي ان کان سواءِ هلڪي برسات ۽ جبلن تي هلڪي برفباري به ٿي سگھي ٿي.
موسميات کاتي موجب، سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ميداني علائقن ۾ صبح رات جي وقت ۾ ڪوهيڙي جو امڪان آهي.
Next Post
You might also like